انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس شاديءَ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۴۰   لنڊن   پرنٽ ڪيو
انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: جيل ويندڙ انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس شاديءَ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق ويسٽ انڊيز سان ون ڊي سيريز دوران بين اسٽوڪس برسٽل ۾ نائٽ ڪلب ۾ هڪ شخص کي مارڪُٽ ڪئي هئي جنهن تي هن کي هڪ رات جيل ۾ گذارڻي پئي هئي ۽ ان جي ڪري هن کي ايشنز اسڪواڊ مڻ پڻ ٻاهر ڪيو ويو هو. هاڻي اسٽوڪس ان ڳالهه کي وِساري پنهنجو سڄو ڌيان شادي جي تيارين تي ڏئي رهيو آهي. هن ويڪ اينڊ تي پنهنجي مڱيندي ڪليري ريٽ ڪلف سان شادي ڪرڻ وارو آهي. ٻنهي جي مڱڻي ۲۰۱۳ع ۾ ٿي هئي.