ايل جي پاران مڇر ڀڄائيندڙ آءِ فون ٺاهڻ جي دعويٰ


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۹   سيول   پرنٽ ڪيو
ايل جي ڪمپني جو عملدار نٸون آيل موباٸل ڏيکاريندي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سيئول: ڏکڻ ڪوريا جي مشهور موبائل ٺاهيندڙ ڪمپني ايل جي دنيا جي پهرين مڇر ڀڄائيندڙ سمارٽ فون ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پاڪستان ۾ پڻ اڪثر گهرن ۾ ريپيلر ۽ اسپري خريد ڪيا ويندا آهن جڏهن ته آفريقا ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ پڻ مڇرن جو وڏو آزار آهي. ڏکڻ ڪوريا جي تيار ڪيل اها آءِ فون الٽراسونڪ لهرون خارج ڪندي جنهن جي ڪري مڇر انسان جي ويجهو نه ايندا. ايل جي جو سيون فون مهانگو نه آهي. ان فون کي گذريل هفتي ڀارتي مبائل ڪانگريس ۾ پيش ڪيو ويو. تجزيو ڪندڙن مطابق اها فون مڇرن سبب پريشان ملڪن ۾ وڌيڪ وڪرو ٿيندي. فون جو ٻيو نالو موسڪيٽراوي آهي. فون مان الٽراسونڪ لهرون ڪيسنگ جي پوئين پاسي مان خارج ٿينديون جنهن جي ڪري مڇر انسان جي ويجهو نه ايندا. اهو فون انسانن لاءِ مڪمل طور تي بي ضرر آهي.