عورت ايمپائر سان بدتميزي ڪرڻ تي فابيو فوگنيني تي ۹٦ هزار ڊالر ڏنڊ


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۳   پئرس   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پيرس: اٽلي جي ٽينس پليئر فابيو فوگنيني تي آگسٽ ۾ منعقد ٿيل يو ايس اوپن دوران سوئيڊش عورت ايمپائر لوئسي اينگز ايل سان بدتميزي ڪرڻ تي ۹٦ هزار ڊالر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. هن کي ۲ گرنيڊ سلم ايونٽس لاءِ پڻ معطل ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي. واقعي تي فوگنيني کي يو ايس اوپن مان ٻاهر ڪندي ۹٦ هزار ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. گرينڊ سلم بورڊ چيو ته جڏهن مستقبل ۾ سندس رويو بهتر رهيو ته ڏنڊ جي رقم معاف ٿي سگهي ٿي. فوگنيني بورڊ جي فيصلي کي مڃيندي ان جي خلاف اپيل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.