قالين وانگر وڇائجي ويندڙ سولر پينل تيار


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۷   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: برطانوي ڪمپني انقلابي سولر پينلز تيار ڪيو آهي جيڪي قالين وانگر وڇائي سگهجن ٿا. ان ايجاد سان فوري شمسي توانائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي. رپورٽن مطابق ڪنهن قدرت آفت يا بجليءَ کان محروم علائقن ۾ اهي سولر پينلز بجلي فراهم ڪرڻ جو ڪم ڪري سگهن ٿا. برطانيا جي هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني ”رينڊ واجين“ ان کي تيار ڪيو آهي. جنهن جي آزمائش ڪارڊف ڪونسل ڪري رهي آهي. سولر پينلز کي قالين وانگر وڇائي ۽ ويڙهي سگهجي ٿو.