ترقياتي ڪمن ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين: ناصر حسين شاهه


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۴۳   ڪراچي   پرنٽ ڪيو
ناصر حسين شاهه

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: محنت، ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ اڄ اورينج (عبدالستارايڌي) لائين جي ٻنهين پاسن جي ڪمن جو اوچتو معائنو ڪيو. انهن سان سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، سعيد اعواڻ، ڊائريڪٽر جنرل ماس ٽرازٽ اٿارٽي محمد اطهر ۽ ٻيا آفيسر گڏ هئا. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ تعميراتي ڪم ۾ سستي روي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هي منصوبو ڪراچي جي عوام لاءِ عوامي حڪومت جو تحفو آهي ۽ ان جي ڀرپور طريقي سان مانيٽرنگ ڪري مقرر وقت تي مڪمل ڪرائڻ چاهيو پئي پر تعميراتي ڪمپني پاران دير سبب عوام ان منصوبي جا صحيح فائدا حاصل ناهي ڪري سگھيو پر هاڻ ان منصوبي تي ڪو به سمجھوتو ۽ دير برداشت نه ڪئي ويندي. ميڊيا ۾۽ عوامي سطح تي به تنقيد جو نشانو بڻجي رهيا آهيون پر عوامي حڪومت پنهنجي مفادن جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي سخت اُپاءَ ورتا آهن ۽ تعميراتي فرم جي سطح تي هاڻ ڪم ۾ ڪا به دير يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ڪو به غفلت ۾ ملوث هوندو ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي معاهدي جي موجب عمل ۾ آندي ويندي. هن دائريڪٽر جنرل ماس ٽرانزٽ محمد اطهر کي هدايتون ڏنيون ته مستقل طور تي هن پروجيڪٽ جي ٻنهين پيڪيجز جي هفتيوار رپورٽ روانا ڪري ۽ روزانا جي بنياد تي مانيٽرنگ ڪري ۽ منصوبي ۾ دير جا سمورا حيلا ختم ڪري عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ منصوبا جلد از جلد مڪمل ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن ته جيئن بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي هدايتن جي روشني ۾ منصوبي جا ثمر عوام تائين پهچائي ڪري جديد ٽرانسپورٽ نظام شهرين کي فراهم ڪيو وڃي ۽ عوام جي شڪايتن جو ازالو ترجيحي بنيادن تي ڪري سگھجن، ان موقعي تي منصوبي جي سپروائيزنگ ڪمپني نيس پاڪ ۽ تعميراتي ڪمپني جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چند ڪارڻ جي ڪري منصوبو دير جو شڪار ٿيو پر هاڻ سڀ معاملا بخوبي حل ٿي ويا آهن ۽ ڏنل مدت ۾ منصوبو جلد مڪمل ٿي ويندو. هن حڪومتي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته هنن کي احساس آهي ته حڪومت عوامي مفاد لاءِ کنيل ٺوس قدمن جي نتيجي ۾ شهر ۾ جديد ٽرانسپورٽ جو نظام متعارف ڪرائي رهي آهي ته جيئن ان عوامي منصوبي جا نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ٿئي ۽ تيز ترين طريقي سان منصوبو مڪمل ڪيو وڃي. صوبائي وزير منصوبي جي ٻنهين طرفن بس ڊيپو روڊ فلائي اوور جيڪو ٽائون آفيس اورنگي ٽائون کان بنارس چوڪ ۽ بنارس چوڪ کان بورڊ آفيس تائين معائنو ڪيو جتي تعميراتي عملي کان ڪم بابت معلومات ورتي. عوامي جي وڏي انگ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سان ملاقات ڪري منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو اهو منصوبو ۳.۰۸ ڪلو ميٽر سان ٦۴۳.۳۵۰ ملين روپين سان تعمير ڪيو پيو وڃي. اهو منصوبو سيپٽمبر ۲۰۱۷ تائين مڪمل ٿيڻو هو پر چند سبب ڪري اهو منصوبو دير جو شڪار ٿيو پر هاڻ اهو منصوبو جلد از جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ مانيٽرنگ کي يقيني بڻايو ويندو.