مهراڻ يونيورسٽي ۾ هيڪ جشن جي سلسلي ۾ تقريبون هلندڙ


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۲   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ۱۵ سالن واري جشن جي حوالي سان ٽن ڏينهن واريون تقريبون جاري. مهراڻ يونيورسٽي جي انگلش لئنگويج ڊولپمينٽ سينٽر پاران مخدوم دائود هال ۾ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي ۲۰ شاگردن ۽ شاگردياڻِن وچ ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ناليج اڪانامي (ڄاڻ جي معيشت) بابت تقريري مقابلو ٿي گذريو. تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ شاگرد کي پنج هزار رپيا، ٻئي نمبر تي ايندڙ شاگردياڻي کي ۰۳ هزار رپيا ۽ ٽئين پوزيشن کڻندڙ شاگرد کي ٻه هزار رپيا انعام، مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊ ڏني وئي. انعامن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي فئڪلٽي آف سائنسس، ٽيڪنالاجي اينڊ هيومينٽيز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي ۽ اي ايل ڊي سي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب الله پٺاڻ چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن کي پڙهائي سان گڏ گڏيل تدريسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو پڻ موقعو ڏنو وڃي ٿو. هنن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي قيام بعد ملڪ ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي حوالي سان گهڻي ترقي ڪئي آهي. ڊاڪٽر حبيب پٺاڻ چيو ته انگريزي ٻولي هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏي رابطي جي ٻولي آهي، جيڪا اسان جي شاگردن کي ضرور اچڻ گهرجي. تقريري مقابلي ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻِين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.