مهراڻ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل لاءِ الاٽمينٽ فارم ۲۷ آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهبا: پڌرائي


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۷   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو جي هاسٽل پرووسٽ جي پڌرائي موجب نئين تدريسي سال ۾ داخلا ٿيل (۱۷ بيچ) جي شاگردن جي بوائز هاسٽل لاءِ الاٽمينٽ فارم ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷ کان جاري ڪيا ويا آهن. فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۲۷ آڪٽوبر ۲۰۱۷ مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شاگردن جي هاسٽل الاٽمينٽ لسٽ ۸ نومبر ۲۰۱۷ تي پڌري ڪئي ويندي. هاسٽل جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۱۳ نومبر ۲۰۱۷ مقرر ڪئي وئي آهي.