حيدرآباد جي ڪمانڊر رينجرز پاران سينٽر آف ايڪسيلنس جو دورو، تعليمي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۴۵   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: حيدرآباد جي ڪمانڊر رينجرز پاران سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن جو دورو، تعليمي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه. خبر موجب حيدرآباد رينجرز جي ڪمانڊر ڪرنل محمد اشرف سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جو دورو ڪري ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪرنل محمد اشرف ۽ ڊاڪٽر ڀائي خان شر تعليمي ۽ سيڪيورٽيءَ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر ڪرنل محمد اشرف سان اداري جي ڪارڪردگي، ڪاميابين ۽ سماج ۾ ادا ڪيل ڪردار بابت حال احوال ڪيا. ڪرنل محمد اشرف اداري جي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته هي ادارو سنڌ اندر عام ادارن جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي جڏهن ته پاڪستان هتي رهندڙ سمورن ماڻهن جو ملڪ آهي ۽ ساڻس محبت ڪرڻ اسان سڀني جي اولين ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ رهندڙ ماڻهو هڪٻئي جا ڀائر ۽ ڀينر آهن ۽ اسان جو مقصد ملڪ اندر سمورن ماڻهن وچ ۾ هم آهنگيءَ جي فضا کي هٿي ڏيڻ آهي. آخر ۾ سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر ڪرنل محمد اشرف کي اداري جا ڪيٽالاگ تحفي طور ڏنا.