فاٽا بابت ضروري قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان خيبرپختونخوا جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ملاقات ڪندي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) بابت پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان مقصد جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ تيز رفتار بنيادن تي ضروري قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا پيا وڃن. هن اها ڳالهه خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا سان ڳالهائيندي چئي جنهن خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.