اليڪشن ڪميشن چونڊ قانون ۲۰۱۷ع جي منظوري ڏئي ڇڏي


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۱۵   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن چونڊ قانون ۲۰۱۷ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خميس ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا جي صدارت ۾ ڪميشن جو اهم اجلاس منقعد ٿيو، چونڊ رولز اليڪشن ايڪٽ ۲۰۱۷ع تحت جوڙيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن ۲۰۰ اجلاسن ۾ چونڊ رولز کي حتمي شڪل ڏني، چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ رولز ۲۰۱۷ع تي آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته سمورين ڌريون ان رولز کي ساراهينديون، هن رولز تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ان چونڊ رولز کي اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو، چونڊ رولز بابت تجويزن يا اعتراض ۱۵ ڏينهن ۾ جمع ڪرائي سگهبا، اليڪشن ڪميشن انهن اعتراضن يا تجويزن کي ٻڌي فيصلو ڪندو، اليڪشن ايڪٽ ۲۰۱۷ع ۾ ۸ قانونن کي گڏ ڪيو ويو هو، اليڪشن ايڪٽ ۲۰۱۷ع جي سيڪشن ۲۳۹ تحت اليڪشن ڪميشن کي رولز بنائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.