شاهد خاقان عباسي سان جاپان ۽ ايران جي سفيرن جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱٦   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان جاپان جو سفير تاڪاشي ڪورائي ملاقات ڪندي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان جاپان جي سفير تاڪاشي ڪورائي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جاپان پاڪستان جو دوست ۽ قابل اعتماد معاشي حصيداري آهي، پاڪستان جي اقتصادي حالتن ۽ امن امان ۾ نمايان بهتري آئي آهي، بهتر امن امان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪامياب ڪاررواين جو نتيجو آهي، ٻه طرفي لاڳاپن تي زور ڏيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جاپان سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، واپار، سيڙپڪاري، بنيادي ڍانچي،توانائي جي شعبن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کان عوام تائين رابطن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٽيڪسٽائيل جي لاءِ جاپان عارضي ٽيرف قدمن تحت وڌيڪ ٽي چار سالن جي ڇوٽ تي غور ڪري ته جيئن پاڪستان ان شعبي ۾ پنهنجي هم مقابلن برابر ٿي سگهي جن کي هن وقت جاپان جي مارڪيٽ ۾ آزاد رسائي حاصل آهي. وزيراعظم جاپاني ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان اسان جي صنعتي شعبي ۾ اضافي پيداوار ۾ مدد ملندي. جاپان جي سفير ڪاشي ڪورائي پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي کي ساراهيندي چيو ته جاپان ۾ پاڪستان جو تصور هڪدم تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي جاپان جا ماڻهو پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي ڄاڻن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۾ سلامتي جي معاملن، انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري ۽ ڪاروبار دوست ماحول بڻائڻ کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ٻئي پاسي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ايران جي سفير مهدي هنر دوست ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس کان جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ ايران سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيندو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي گنجائش آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم نيويارڪ ۾ ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات جو ذڪر ڪيو، ايران جي سفير ايران جي قيادت طرفان نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو ۽ چيو ته ايران پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهم سمجهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ايران پاڪستان سان هر شعبي ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي.