ڄامشورو ۾ ڪار جو اسڪوٽر کي ٽڪر، پوليس اهلڪار فوت، تعليم کاتي جو ڪلارڪ زخمي


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۲۲   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: ڄامشوري ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو جڏهن ته ڄامشوري تعليم کاتي جو ڪلارڪ سخت زخمي ٿي پيو، ڄامشوري ۾ خاڻوٽ ٿاڻي جي حد ۾ علي آباد ويجهو باز ڪنڊو اسٽاپ وٽ ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار حيدرآباد اسپيشل برانچ جو پوليس اهلڪار ۽ مسلم ٽائون ڪوٽڙي جو رهواسي محمد اڪرم پٽ محمد بخش چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي ڊي او ايجوڪيشن آفيس ڄامشوري جو ڪلارڪ ۽ مسلم ٽائون واسي امان الله پٽ محمد سلطان چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي رستي ويندڙن ايل ايم يو اسپتال ڄامشوري پهچايو، جتان زخمي کي فوري طبي امداد بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، حادثي جو شڪار موٽر سائيڪل سوار مسلم ٽائون ڪوٽڙي کان سيتاروڊ دادو طرف وڃي رهيا هئا ته سندن موٽر سائيڪل کي سامهون ايندڙ ڪار ٽڪر هنيو . خاڻوٽ پوليس موجب حادثي جو ڪارڻ بڻجندڙ ڪار کي واقعي واري هنڌ تان تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ڪار ڊرائيور موقعي تان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.