ضروري ناهي ته سٺو ڪرڪيٽر سٺو سياستدان بڻجي سگهي: اسفند يار ولي


 سومر ۱۳ نومبر ۲۰۱۷    ۵ ڏينھن پھريان     ۴۴   چمن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : چمن: عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي جو چوڻ آهي ته ضروري ناهي ته سٺو ڪرڪيٽر سٺو سياستدان بڻجي سگهي، يوٽرن خان وٽ گارين ۽ موقف بار بار مٽائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، اسان يوٽرن نٿا چاهيون، چمن ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي جو چوڻ هو ته مون کي قوم جي پرواهه آهي، ڪنهن جي پسند يا ناپسند جي نه، عمران خان ڪنهن کي ناهي بخشيندو، سڀني کي گاريون ڏيندو آهي ۽ اڄڪلهه چونڊون ڪرائڻ جو نئون شو شو ڇڏيو پيو وڃي.