ثانيا مرزا کي گوڏي جي انجري، ڊاڪٽرن آپريشن جو مشورو ڏئي ڇڏيو


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۵۱   حيدرآباد دکن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : حيدرآباد دکن: ڀارت جي ٽينس رانديگرياڻي ثانيا مرزا کي گوڏي جي انجري نئين پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرن کيس سرجري ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي پر ٽينس اسٽار اڃا ان بابت حتمي فيصلي تي پهچي نه سگهي آهي. ثانيا مرزا هڪ ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي چيو ته گوڏي ۾ ٿيل تڪليف کانپوءِ هاڻي مون کي جلد کان جلد اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته سرجري ڪرائجي يا ائين ئي هلڻ ڏجي. هن چيو ته هلندڙ سال ٽينس مقابلن دوران منهنجا اڪثر جوڙيل رانديگر ۽ رانديگرياڻيون مختلف فٽنيس مسئلن جو شڪار رهيا آهن ۽ هاڻي سال جي پڇاڙي ۾ مان پاڻ به گوڏي جي انجري ۾ وٺجي وئي آهيان، في الحال ته ڪجهه هفتا مڪمل آرام ڪرڻ لاءِ مليا آهن پر تمام جلد فيصلو ڪري وٺنديس ته سرجري ڪرائڻ گهرجي يا نه. هن چيو ته سال ۲۰۱۷ع ۾ منهنجي پڄاڻي ٽاپڏ۱۰ ۾ ٿي رهي آهي، جنهن تي خوش آهيان.