عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، چئن ڪيس ۾ ضمانت منظور


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۴۷   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
پي ٽي آءِ چيٸرمين عمران خان

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌرڻن دوران ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تي تشدد سميت چئن ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي، اسلام آباد ۾ ڌرڻن دوران اڳوڻي ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تي تشدد، پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ هائوس تي حملن سميت ۴ ڪيسن ۾ نامزد جوابدار پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، عدالت طرفان اشتهاري قرار ڏنل عمران خان اڄ عدالت ۾ پيش ٿي ويو ۽ چئن ئي ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت چئن ئي ڪيسن ۾ عمران خان جي درخواست تي ضمانت ڪندي ۲، ۲ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ۲۴ نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.