حسين ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ عملي رپورٽ عدالت ۾ جمع


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۴۷   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
حسن نواز ۽ حسين نواز

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: شريف خاندان خلاف پاناما ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي، نيب جاچ آفيسر عملي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، نيب جي جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن جي اثاثن بابت سمورن ادارن کي خط لکيا، ايل ڊي اي ۽ ڊي ايڇ اي مطابق جوابدارن جي ڪابه ملڪيت ناهي، فليگ شپ ريفرنس جي جاچ آفيسر محمد ڪامران جو بيان قلمبند ڪري ورتو آهي، نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته حسين نواز جي ۴ بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل ملي ويا آهن، جن ۾ ۴۲۷۲ يورو، ۳۹۹۲ ڊالر موجود آهن، حسين نواز جي اڪائونٽ ۾ ۲۰۷ پائونڊ ۽ ۳ لک ۸۲ هزار روپيا به آهن، جوابدارن جي طلبي جا اشتهار گهر ۽ عدالت ٻاهران لڳايا به ويا نيب جي جاچ آفيسر عدالت کان استدعا ڪئي ته سموريون قانوني تقاضائون پوريون ڪري ڇڏيون، حسن ۽ حسين نواز ڄاڻي واڻي مفرور آهن ٻنهي کي اشتهاري قرار ڏنو وڃي.