بلوچستان ۾ امن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي: وزيراعظم


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۳٦   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُ الله زهري

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ امن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت سان هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي، اجلاس ۾ وڏو وزير ثناءُ الله زهري، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوه ۽ ٻيا عملدار به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ امن جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون، وفاقي حڪومت صوبي ۾ امن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت سان هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي.