اي سي سي انڊر ۱۹ ڪرڪيٽ، پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ويو


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۳۷   ڪوالالپمور   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوالالمپور: اي سي اسي انڊر ۱۹ ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان بنگلاديش سان مهاڏو اٽڪائيندو، ان مرحلي جو ٻيون ميچ افغانستان ۽ نيپال وچ ۾ کيڏيو ويندو، ملائشيا جي گادي واري شهر ڪوالالمپور ۾ جاري ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم گروپ بي ۾ ۴ پوائنتن سان ٻئي نمبر تي، افغانستان به ۲ ڪاميابين سان ايتريون ئي پوائنٽون حاصل ڪيون پر بهتر رن ريٽ جي بنياد تي سڀني کان اڳتي رهي، سريلنڪن ٽيم به ۴ پوائنٽون حاصل ڪيون پر رن ريٽ گهٽ هجڻ سبب ٽاپ ۲ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي، يو اي اي ٽنهي ميچن ۾ شڪستن کي منهن ڏنو، ٻئي طرف بنگلاديش ٽي ئي ميچون کٽي ٦ پوائنٽن سان گروپ اي ۾ ٽاپ تي جاءِ ٺاهي، نيپال جي ٽيم ۴ پوائنٽن سان ٻئين نمبر تي رهي، حيران ڪن طور تي دفاعي چيمپيئن ڀارت جي ڪارڪردگي انتهائي ناقص رهي، ۳ ميچن مان هڪ ڀيرو ئي ڪاميابي نصيب ٿي، ميزبان ملائيشيا جي ٽيم فتح جو ذائقو نه چکي سگهي.