ريفرنسز گڏائڻ بابت نواز شريف جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۴۲   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان پنهنجي خلاف داخل ۳ ريفرنسز گڏ ڪرڻ بابت احتساب عدالت جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي قومي احتساب بيورو کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو نواز شريف نيب طرفان داخل ۳ ريفرنسز گڏ ڪرڻ بابت احتساب عدالت جي ۸ نومبر جي فيصلي کي اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو پنهنجي درخواست ۾ نواز شريف موقف اختيار ڪيو هو ته احتساب عدالت جلدبازي ۾ فيصلو ڏنو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ داخل سببن کي غور هيٺ نه آندو ويو، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ۳ ريفرنسز کي گڏ ڪرڻ بابت احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني پر ٻڌل ۲ رڪني بينچ نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست جي ٻڌني ۲۰ نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.