حيدرآباد ۾ سماجي تنظيم پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان مفت شگر ٽيسٽ ڪيمپ


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۲٦   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   منصور مري  : حيدرآباد: شگر جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڊ هوپ لائينز ڪلب پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مفت شگر ٽيسٽ ڪيمپ لڳائي وئي. ان موقعي تي اسلم خان، اقبال موٽلاني ۽ ڪامران چيني چيو ته ملڪ ۾ شگر جو مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن جو سبب بروقت شوگر جي ٽيسٽ نه ڪرائڻ ۽ ان جو علاج نه ڪرائڻ آهي. هنن چيو ته شگر جي بيماري سبب انسان ۾ ٻيون ڪيتريون ئي بيمارين کي جنم وٺن ٿيون، ان ڪري ضروري آهي ته شگر جي مرض ۾ مبتلا مريض پنهنجو بروقت علاج ۽ پابندي سان علاج ڪرائين ته جيئن سندن زندگي بچي سگهي. مفت شگر ٽيسٽ ڪئمپ ته شهرين ۽ صحافين پنهنجي شگر چيڪ ڪرائي. ۰۰۱