ڪڪڙ ۾ شهرين جو چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۲۸   ڪڪڙ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علڻ ناٸچ  : ڪڪڙ: يوسي ڪڪڙ چيئرمين احمد بخش ساريو خلاف شهرين حميد نونداڻي، محبوب، ارباب پنهور، رزاق نونداڻي، راجوپريو، مشتاق آرائين ۽ ٻين پاران پريس ڪلب ڪڪڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته يوسي ڪڪڙ چيئرمين ۽ سندس سفائي وارو عملو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان غائب آهي، شهر ۾ سفائي نه ٿيڻ ڪري شهر ۾ هر پاسي گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، شهر جو نونداڻي پاڙي، پنهور پاڙي، نائچ پاڙي، جويا پاڙي، منگي پاڙي سوڌو سڄي شهر ۾ ڪنو پاڻي گھٽين ۾ تلاءُ جي صورت ۾ بيهجي ويو آهي پر سفائي ڪندڙ عملو شهر مان غائب آهي، يوسي ڪڪڙ لاءِ ايندڙ ماهانا ٻه کان اڍائي لک رپيا چيئرمين پاران ڪوڙيون ڪاغذي ڪارروايون ڪري هڙپ ڪيا پيا وڃن پر شهر ۾ مهينن کان سفائي نه ٿي ڪرائي وڃي، گندگي سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، سفائي نه ٿيڻ تي شهري وڏي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، اسين ڊي سي او ۽ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته يوسي ڪڪڙ جي لکين رپين هڙپ ڪندڙ ڪرپٽ چيئرمين خلاف انڪوائري ڪرائي کيس هٽائي شهر ۾ سفائي ڪرائي شهرين ۾ ڦيلهيل بيچيني دور ڪئي وڃي. ۰۰۱