ڪي اين شاهه ۾ ميونسپل ملازمن پاران بحالي لاءِ احتجاج جاري


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۲۵   خيرپور ناٿن شاھ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   عبدالغفار چانڊيو  : خيرپورناٿن: خيرپورناٿن شاھ ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي هٽايل ۱۴۴ ملازمن محمد علي لغاري، رزاق ڀٽو، امير سولنگي، عبدالواحد لغاري، غلام علي قريشي، عباس چانڊيو ۽ لطيف کوسو جي اڳواڻي ۾ بحالي ۽ ۵ سالن جون رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي ھڪ مھينو مڪمل ٿي چڪو آھي، ملازم پنھنجي حقن لاءِ وانجھائي رھيا آھن. ان موقعي تي متاثرن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي بي گناھ نوڪرين تان لاهي ۵ سالن کان وٺي پگهارون بند ڪري اسان کي بي روزگار ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، اسين پراڻا جيالا آھيون، ان باوجود اسان کي نوڪرين تان لاهي اسان سان وڏي ناانصافي ٿيل آھي. ھنن چيو ته اسان کي احتجاج ڪندي ھڪ مھينو گذري چڪو آھي پر ھيئنر تائين اسان جا جائز مطالبا نه ٿا مڃيا وڃن. هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته اسان کي بحال ڪري اسان مان بيچيني ختم ڪرائي وڃي. هوڏانهن بيروز نوجوان تحريڪ جي اڳواڻن ماجد ٻگهو، آصف اوٺو، رزاق ڀٽو ۽ پپلزپارٽي اڳواڻن بدر شيخ، سعيد لاکير، نظر ٻٻر ڪئمپ تي پهچي يڪجهتي طور بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي. ۰۰۱