هنڱورجا ۾ واپارين پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۲۲   هنڱورجا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :    غلام حسين چانگ  : هنڱورجا: هنڱورجا جي شيخ پاڙي ۾ واپاري حسين بخش شيخ جي گھر کي لڳل ڌاڙي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي. جڏهن ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڃا تائين ڪنهن به قسم جي ڪارروائي پڻ ناهي ڪئي. جڏهن ته شيخ برادري جي ماڻهن حسين بخش شيخ جي گھر لڳل ڌاڙي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف ٻئي ڏهاڙي به عنائت الله شيخ، رفيق احمد شيخ، نور الدين شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بدامني خلاف نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته هنڱورجا شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، پوليس شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، واپاري حسين بخش شيخ جي گھر کي لڳل ڌاڙي جي جوابدارن کي اڃا تائين پوليس وائکو ڪري گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته ڌاڙي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦريل سامان واپس نه ڪرايو ويو ته شهر ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين هڙتال ڪئي ويندي. ۰۰۱