پي ايس ايل جي ميزبان شهرن جي لسٽ ۾ ابوظهبي شامل


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۳۵   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ميزبان شهرن جي لسٽ ۾ ابوظهبي کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. پي ايس ايل جي ميزبان شهرن جي لسٽ ۾ دبئي ۽ شارجا سان گڏ ابوظهبي پڻ آهي. پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۽ دوپلي آف لاهور ۾ ڪرائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ٻئي پاسي فائنل لاءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي.