ايران ۾ زلزلي متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن ختم، متاثرن جي بحالي ڏانهن ڌيان


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۳۹   تھران   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : تهران: ايران زلزلي متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن اڄ ختم ڪري ڇڏيو. ايران ۾ آچر جي رات آيل خطرناڪ زلزلي ۾ ۴۵۰ ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هزارين زخمي ٿي پيا هئا، سرڪاري ٽي وي تي جاري هڪ بيان موجب اولهه سرحدي صوبي ڪرمانشاه ۽ ٻين علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن کي ختم ڪيو ويو آهي. ايمرجنسي ميڊيڪل سروسز جي سربراهه پير حسين خوليوند چيو آهي ته ريسڪيو آپريشن ختم ڪندي هاڻي سمورو ڌيان زخمين جي علاج ۽ متاثرن جي بحالي جي قدمن ڏانهن ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته زلزلي کان پوءِ ۱۹۳ آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن. ياد رهي ته زلزلي سبب ايران جا ۱۴ صوبا متاثر ٿيا آهن جن مان سڀني کان وڌيڪ متاثر صوبو ڪرمانستاه آهي جتي ۳۵۰ کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن.