سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوڙيل ايجوڪيشن مانيٽرنگ ٽيم پاران جيڪب آباد جي اسڪولن جا دورا


 اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷    ۴ ڏينھن پھريان     ۳۱   جيڪب آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   خالد حسين گھانگھرو  : جيڪب آباد: تعليم کاتي ۾ سڌاري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوڙيل ايجوڪيشن مانيٽرنگ ٽيم جي ميمبرن احمد نواز پيچوهو ۽ اشرف جان بروهي ضلعي جيڪب آباد جي مختلف علائقن ۾ قائم اسڪولن جا اوچتا دورا ڪيا، جنهن دوران ٽيم آڏو حيران ڪندڙ حقيقتون سامهو آيون، ايجوڪيشن مانيٽرنگ ٽيم پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب جيڪب آباد جي مختلف اسڪولن جي دوري دوران مجموعي طور ۷۰ استاد ۽ ۳۰ نان ٽيچنگ عملو نوڪرين تان غائب رهيو. جڏهن ته ڳڙهي خيرو جي علائقي گلاب ماڙي ۾ تعليم کاتي جي رڪارڊ ۾ موجود هڪ گرلس اسڪول سرزمين تي موجود ئي نه هو، پڌرائي موجب وچ شهر ۾ قائم ريلوي گرلس، بوائز پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جو اڪثر عملو غيرحاضر رهيو مڊل ۽ پرائمري اسڪول ريلوي هيڊمسٽريس سميت ۱۳ مان ۱۲ ليڊي ٽيچرس نوڪرين تان غائب رهيو. جڏهن ته اسڪول ۾ موجود فقط هڪ ماسترياڻي به آفيس ۾ فون تي ڪچهريون ڪندي نظر آئي. جڏهن ته اسڪول جا شاگردياڻين سان ڀريل سمورا ڪلاس روم بغير ماسترياڻين جي هلي رهيا هئا ۽ شاگردياڻيون اسڪول جي صفائي ۾ مصروف هيون، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ريلوي ۾ پڻ ۱۳ استادن مان رڳو ۴ استاد حاضر رهيا. جڏهن ته هيڊ ماستر اشرف اعواڻ پڻ ۹ وڳي اسڪول پهتو، پرائمري اسڪول ريلوي ۾ به ۱۵ مان استاد غيرحاضر رهيا ۽ اسڪول عملي پاران هڪ ڪلاس روم کي اسٽور ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، شيرانپور بوائيز اسڪول ۾ ۱۱ مان ۷ استاد غيرحاضر رهيا. جڏهن ته هاءِ اسڪول ۾ فقط ۴ شاگرد موجود هئا، دائو جهانپور بوائيز اسڪول جي ۱۱ استادن مان ۲ غير حاضر هئا. جڏهن ته گرلس پرائمري اسڪول دائو جهانپور ايٽ منور خاصخيلي ۾ اسڪول ۾ ۳ ماسترياڻيون موجود هيون. جڏهن ته نينگريون پٽ تي ويهي پڙهندي نظر آيون. جڏهن ته ٻن ڪمرن واري اسڪول ۾ ۱۰ چوڪيدار مقرر ڪيا هئا. هوڏانهن تاجي ديري ۾ سردار تاجو خان اوڍو جي بنگلي ڀرسان قائم مڊل اسڪول ۵ سالن کان بند پيل آهي، جتي ٦ ليڊي ٽيچرس جو عملو گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي، گلاب ماڙي ۾ گرلس پرائمري اسڪول ۾ ۴ ليڊي ٽيچرس مان ۲ غير حاضر هيون، اسڪول جي عمارت چوديواري کان محروم هجڻ ڪري ڳوٺاڻا اسڪول جي ٻنهي ڪمرن جا در پٽي ويا هئا. جڏهن ته اسڪول جي عمارت به مڪمل زبون حال بڻيل نظر آئي، هڪ ڪمري ۾ ۹ شاگردياڻين کي فقط ٻه ليڊي ٽيچر پڙهائي رهيون هيون. ان موقعي تي دوداپور واسي اسڪول جي چوڪيدار ٻڌايو ته ڳوٺاڻا کيس ڊيوٽي ڪرڻ ڪو نه ڏيندا آهن. جڏهن ته گلاب ماڙي مڊل اسڪول رڪارڊ ۾ ته موجود آهي پر سرزمين تي نظر ئي ڪو نه آيو، جڏهن ته گلاب ماڙي بوائيز پرائمري اسڪول ۾ ۱۰ مان ۲ استاد غير حاضر ۳۰٦ مان فقط ۱۴۰ شاگرد حاضر هئا، گلام ماڙي مڊل بوائيز اسڪول ۾ ۷ مان ۵ حاضر ۲ غير حاضر شاگرد نالي ماتر نظر آيا. ٻئي پاسي ميران پور ٻرڙو هاءِ اسڪول ۾ ۱۰ مان ۳ غير حاضر اسڪول ۾ جي فقط هڪ ڪمري ۾ نالي ماتر شاگرد نظر آيا. باقي سمورا ڪمرا خالي نظر آيا. جڏهن ته ايس ايم سي جو لک رپيا هجڻ باوجود هيڊ ماستر اسڪول جي ڀلائي تي خرچ نه ڪيا ٽيم پاران اسڪول جي بهتر تي خرچ ڪرڻ جو حڪم. جڏهن ته بوائيز پرائمري اسڪول ۾ ۱۲ مان ۳ استاد غير حاضر هئا. جڏهن ته ميرانپور گرلس مڊل اسڪول تي پوليس جو قبضو هجڻ ڪري گرلس مڊل اسڪول ميران پور کي گرلس پرائمري اسڪول ميران پور ۾ مرج ڪيو ويو هو، جتي ٻنهي اسڪول کي ملائي ۱٦ ليڊي ٽيچرس مان فقط ۴ حاضر هيون ۱۲ غير حاضر، جڏهن ته اهي چارئي ٽيچر هڪ ڪمري ۾ فقط ٦ شاگرياڻين کي پڙهائي رهيون هيون، باقي اسڪول جا ڪمرا بند زبون حال هئا. جڏهن ته اسڪول کي ڪا بانڊري وال، باٿ روم، پيئڻ جي پاڻي جي ڪابه سهولت موجود نه هئي، بانڊري وال نه هجڻ ڪري اسڪول مان گذر جا رستا قائم ڪري ڇڏيا هئا، جن کي ڳوٺاڻن ڍينگر ڏئي بند ڪيو هو. ۰۰۱