دماغ مرڻ جي ۱۰ منٽن کانپوءِ به نٿو مري: تحقيق


 خميس ۰۹ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۱۳۹   ڪينيڊا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪينيڊا: انسان جي جسم مان ساهه نڪرڻ کان پوءِ به دماغ جون سرگرميون ۱۰ منٽن کان وڌيڪ جاري رهنديون آهن. اها دعويٰ ڪينيڊا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. ويسٽرن اونٽاريو يونيورسٽي جي تحقيق ڪندڙن کي اهو تجربو آئي سي يو ۾ انهي وقت ٿيو جڏهن هڪ مري ويل شخص جو دماغ سندس مري وڃڻ کان پوءِ به ڪم ڪري رهيو هو. انهي ڪيس ۾ ڊاڪٽرن ٻيا معائنا جيئن دل جي ڌڙڪڻ بيهي وڃڻ ۽ جسم جون نسون بيهي وڃڻ وغيرا کان پوءِ به مريض کي مئل قرار ڏنو، پر ٽيسٽ مان ثابت ٿيو ته سندس دماغ بدستور ڪم ڪري رهيو هو. حقيقت ۾ دماغ جو لهرون بلڪل انهي طرح ڪم ڪري رهيو هيون جيئن ڪو انسان ننڊ وقت ڪندو آهي. تحقيق دوران ڊاڪٽرن ڏٺو ته سنگل دماغ جي لهر انهي وقت به حرڪت ڪري رهي هئي، جڏهن رڳن جو بلڊ پريشر ۽ دل جو هلڻ ختم يا بيهي رهيو هو. تحقيق دوران چار مان رڳو هڪ شخص ۾ ڊگهي وقت تائين انهي پراسرار دماغي سرگرمي ڏٺي وئي پر ٻين جي جسماني طور تي موت کان ڪجهه منٽن تائين دماغي رويو بلڪل مختلف نظر آيو. تحقيق ڪندڙ جي خيال ۾ اهو اسرار وڌي وڃي ٿو، دماغ سان گڏ موت کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي هينئر تائين انهي جو جواب ڪنهن کي نه ملي سگهيو آهي. تحقيق ڪندڙ جو چوڻ هو ته انهي سرگرمي جو ڪارڻ هينئر خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ اهو تجربو ڪنهن غلطي جو نتيجو نٿو چئي سگهجي، ڇو ته سڀئي اوزار بلڪل صحيح ڪم ڪري رهيا هئا.