بدين واسي سڱ نه ملڻ تي روئي ڏنو، رابعا کي پان ۽ گهٽڪا به وٺي ڏيندو هئس پر سڱ نه مليو: نوجوان


 اڱارو ۱۴ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۹۳۴   بدين   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   تنوير احمد آراٸين  : بدين: نوجوان يوسف لوهار پريس ڪلب ۾ روئيندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو سُهرو عبدالله لوهار سندس ڌيءَ رابعا لوهار جو سڱ ڏيئي کسي ويو آهي. رابعا کي سمورو خرچ ڏيڻ سان گڏ گُٽڪا ۽ پان پڻ وٺي ڏيندو هئس. هاڻ رابعا کي ورغلائي مون سان ڳالهائڻ کان منع ڪئي اٿس. هن چيو ته منهنجي سُهري کي سڱ جي آسري تي ڪجھ ئي وقت ۾ آئون ۱ لک ۱۷ هزار ڏيئي چڪو آهي. سندس گھر جو خرچ پڻ ڏيندو هيس. جڏهن شادي ڪري ڏيڻ جو چيم ته مون کي گهر ۾ اچڻ نه ٿو ڏئي. هن کان اڳ هو ڪيترن ئي ماڻهن کي سڱ جا آسرا ڏيئي کائن پئسا وٺي کين سڱ نه ڏنائين، جنهن بعد مون کي سڱ جو آسرو ڏئي هاڻ انڪار ڪري رهيو آهي. جڏهن ته مون کي سخت مارڪُٽ ڪري پُٽن سان گڏجي منهنجو سامان به کڻي ويا آهن. هن اعليٰ عملدارن کان گھُر ڪئي ته منهنجي سُهري ۽ سالن خلاف سخت ڪاروائي ڪري منهنجا پئسا واپس ڏياري گھَر ۽ پلاٽ تان قبضو خالي ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ آئون پاڻ کي باه ڏيندس، جنهن جي ذميواري منهنجي سُهري ۽ سندس پُٽن تي هوندي.