سام سنگ جا سمارٽ فون هاڻي مالڪ جو منهن سڃاڻڻ کانپوءِ ان لاڪ ٿيندا


 اڱارو ۱۴ مارچ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۴۲   سيول   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سيئول: سام سنگ ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ وقت ۾ گليڪسي ايس ۸ ۽ گليڪسي ايس ۸ پلس سمارٽ فون کي منهن سڃاڻڻ واري ٽيڪنالاجي ڏئي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو ته جيئن فون رڳو پنهنجي مالڪ جو منهن سڃاڻي ان لاڪ ٿي سگهي. تجزيي نگارن مطابق سام سنگ ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران آڱرين جي نشانن سان مالڪ جي سڃاڻپ ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي پراڻي ٿي چڪي آهي، هاڻي وڌيڪ بهتر ٽيڪنالاجي هجڻ گهرجي. سندن چوڻ آهي ته ايندڙ وقت ۾ سام سنگ جي سمارٽ فونن ۾ منهن سڃاڻڻ سان گڏ اک جي تاري جي مدد سان مالڪ جي سڃاڻپ ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي به آڻي سگهجي ٿي ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته بهتر سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي اهي ٻئي ٽيڪنالاجيز کي گڏيل طور استعمال ۾ آندو وڃي.