تاتارستان جو صدر پاڪستان جو دورو ڪندو، انتظاميا بينر تي روسي صدر جو ڦوٽو لڳائي ڇڏيو


 جمو ۱۷ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۴   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: لاهور انتظاميا جي نااهلي جا پول پڌرا ٿي ويا، تاتارستان جي صدر جي خوش آمديد جي لاءِ ڇپرايل بينرن تي روسي صدر جو فوٽو لڳرايو ويو، ميڊيا رپورٽ موجب تاتارستان جو صدر پاڪستان جي دوري لاءِ اچڻ وارو آهي، جنهن کي خوش آمديد چوڻ لاءِ جيڪي بينر ڇپرايا ويا آهن، ان ۾ لاهور انتظاميا جي نااهلي سبب تاتارستان جي صدر بدران روس جي صدر جو فوٽو لڳايو ويو آهي، بينر ۾ وزير اعظم نواز شريف جو فوٽو ۽ تاتارستان جي صدر بجاءِ روسي صدر جو فوٽو لڳايو ويو آهي، ذريعن ٻڌايو ته بينر تي تاتارستان جي صدر کي خوش آمديد چوڻ وارا لفظ لکيل آهن، جڏهن ته فوٽو وري روسي صدر جو لڳل آهي.