خوداعتماد ماڻهن جون ۱۰ عادتون


 جمو ۱۷ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۸۷   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : جيڪڏهن شخصيت ۾ اعتماد هجي ته پوءِ گهٽ تعليم جي باوجود به ترقي ممڪن آهي، پر جيڪڏهن پاڻ مٿان اعتماد نه هجي ته پوءِ اعليٰ تعليم ۽ وڌيڪ صلاحيتون به ڪنهن ڪم جون ناهن، حقيقت اها آهي ته اعتماد انسان جي شخصيت ۾ هڪ جادو ڀري ڇڏيندو آهي، ائين ڪرڻ وارن ماڻهن کي پاڻ تي ۽ پنهنجي صلاحيتن تي مڪمل يقين هوندو ۽ اهڙن ماڻهن کان ڪجهه شيون اهڙيون ٿينديون ئي ناهن جيڪي ڪجهه هن ريت آهن.۱ڏ خود اعتماد ماڻهو ڪڏهن به ڪو جواز ناهن ڳوليندا، خود اعتماد ماڻهن کي يقين هوندو آهي ته هو شين کي پاڻ صحيح ڪري ٺاهي ويندا، اهو ئي راز آهي جو اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ کي جواز ڄاڻائي ۽ ترقي نه ملڻ تي انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ٽالمٽول ناهن ڪندا ۽ ڪو به سبب ناهن ڄاڻائيندا ناڪاميءَ جو، اهڙن ماڻهن کي يقين هوندو آهي ته هو پنهنجي زندگي تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ويٺا آهن، هنن جي زندگيءَ تي هنن جو مڪمل اختيار آهي،۲ڏ اهڙا ماڻهو ڪڏهن به همت ناهن هاريندا، پٺتي ناهن هٽندا، اهڙا ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي پنهنجي ناڪامي جو سبب ناهن سمجهندا، پر انهن کي چئلينج سمجهي انهن کي ختم ڪري اڳتي وڌڻ جي راهه ڳوليندا رهندا آهن، هو هر وقت ان سبب کي ڳوليندا آهن ته آخر ڪهڙو سبب هو جو هو ناڪام ٿيا آهن، ٻئي ڀيري ان کي ختم ڪرڻو پوندو.۳ڏ اهڙا ماڻهو ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن جو انتظار ناهن ڪندا، ضروري ناهي ته ڪو انهن کي ٻڌائي ته انهن کي ڇا ڪرڻو آهي، پر اهي ڪنهن کان پڇڻ کان اڳ ئي ۽ وقت کي ضايع ڪرڻ کان بغير ئي اهو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪو انهن کي ڪرڻو هوندو آهي.۴ڏ ماڻهو اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن به پسند ناهن ڪندا، جيڪي توجو حاصل ڪرڻ لاءِ بار بار اڳيان گهمندا هجن، خود اعتماد ماڻهو ڄاڻيندا آهن ته اهي ڪيتري قدر اهميت رکندڙ آهن ۽ انهن کي پنهنجي اهميت ثابت ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي هوندي نه ئي انهن کي ان ڳالهه ۾ دلچپسي هوندي آهي ته هو مشهور ٿين، اهڙا ماڻهو صرف پنهنجو پاڻ ۾ بهتر رويو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن، اهڙا ماڻهو پاڻ کي ملندڙ مبارڪن کي ٻين طرف ڌڪي ڇڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته انهن جو حقدار مان نه پر هي آهن، ۵ڏ اهڙن ماڻهن کي مسلسل تعريف جي ضرورت ناهي هوندي، توهان ڪڏهن ڪنهن اهڙي ماڻهو کي ڏٺو آهي جيڪو چاهي ته ماڻهو صرف ان جي تعريف ڪندا رهن، پر خوداعتماد ماڻهو اهڙو ناهي هوندو، انهن کي ناهي لڳندو ته انهن جي ڪاميابي ان ڳالهه مان نظر ايندي ته ماڻهو انهن جي تعريف ڪن، انهن جو خيال هوندو آهي ته جيترو به بهتر ڪم ڪيو وڃي، پر ڪو نه ڪو ضرور ان تي تنقيد ڪندو، ٦ڏ اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ٽال مٽول ناهن ڪندا، ڪنهن به ڪم ۾، ماڻهو ڪم کان لنوائيندا ڇو آهن، ڪيترائي ڀيرا ان جو سبب اهو ئي مليو آهي ته ماڻهو سست هوندا آهن، اهڙن ماڻهن کي صرف اهو ئي خوف هوندو آهي ته تبديلي، ناڪامي يا ائين کڻي چئجي ته خوف، پر خوداعتماد ماڻهو ڪم کان لنوائيندا ناهن، ڇو جو اهي پاڻ تي يقين رکندا آهن ۽ انهن کي ان ڳالهه جو يقين هوندو آهي ته انهن جو مقصد انهن کي ضرور ملندو. ۷ڏ اهڙا ماڻهو ٻين سان ڀيٽ ناهن ڪندا، اهڙا ماڻهون پنهنجا فيصلا ٻين مٿان ناهن رکندا، ڇو جو انهن کي خبر هوندي آهي ته هر هڪ ماڻهو وٽ ڪجهه نه ڪجهه خاص ضرور هوندو آهي ۽ انهن کي ٻين ماڻهن جي همت ۽ حوصلو ٽوڙڻ جي ضرورت ناهي هوندي، ٻين ماڻهن سان ڀيٽ ڪرڻ شڪست جو سبب بڻجندو آهي، خود اعتماد ماڻهو پنهنجو وقت ٻين سان ڀيٽ ڪرڻ ۾ ضايع ناهن ڪندا، ۸ڏ اهڙا ماڻهو جهيڙن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، خود اعتماد ماڻهن جي نظر ۾ جهيڙو ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر اهي ان کي ائين ڏسندا آهن ته ان مسئلي کي ڪيئن حل ڪيو وڃي، ۹ڏ وسيلن جي گهٽتائي باوجود اڳتي وڌڻ جو جذبو، اهڙا ماڻهو پنهنجي رستي تان پٺتي ان ڪري ناهن هٽندا ته هنن وٽ وسيلن جي کوٽ هوندي آهي، هنن جا مالي معاملا بهتر ناهن هوندا، پر ان کان پوءِ به اهي اڳتي وڌندا رهندا آهن، ۽ ڪوشش ڪندا رهندا آهن. ۱۰ اهڙا ماڻهو ڪڏهن به مڪمل مطمئن ناهن هوندا حالاتن کان، اهڙن ماڻهن کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن حد کان وڌيڪ مطمئن ٿياسين ته اسان پنهنجي مقصد تائين نه پهچي سگهنداسين، هنن جي خيال ۾ ٿورو گهڻو عدم اطمينان انهن جي ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر لاءِ بهتر هوندو آهي.