سائنسدانن پاران روشني ڪڍندڙ ڏيڏر کي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ


 جمو ۱۷ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ٦۴   ارجنٽينا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : بيونس آئرس: سائنسدانن تحقيق ڪندڙن روشني خارج ڪندڙ ڏيڏر کي دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. فرانس جي خابرو اداري مطابق برازيل ۽ ارجنٽائن جي سائنسدانن ارجنٽائن مان ناياب نسل جو اهڙو ڏيڏر دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جيڪو تمام گهڻي تيز روشني خارج ڪري ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڏيڏر روشني خارج ڪندڙ سميت تيزيءَ سان رنگ مٽائڻ جي پڻ صلاحيت رکي ٿو. ڏيڏر جو اهڙو نسل پهريون ڀيرو منظر عام تي آيو آهي.