ڳڙهي حسن ۽ ڀرپاسي ارڙي جي وبا، سوين ٻارڙا بيماري ۾ ورتل، صحت کاتو بي خبر


 جمو ۱۷ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۲   ڳڙھي حسن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   جي ايم جمالي  : ڳڙھي حسن ڀرسان باهو کوسو شهر جي ڀرپاسي علائقن ۾ ارڙي جهڙي مرض تباهي مچائيندي ۲ معصوم ٻارن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو ڪجهہ ڏينهن اڳ ڳوٺ عرض محمد کوسو مان ۵ سالا معصوم زينت ڌي معشوق احمد کوسو ۽ ڳوٺ سرفراز جکراڻي مان ۴ سالا سراج پٽ عبدالحليم مرهيٽو ارڙي وگهي فوت ٿيا هئا جنهن ۾ معصوم سراج جي ماءُ جيجل صدمي ۾ ۸ مهينن جو حمل ضايع ٿيو هواهڙي عمل تي صحت کاتي وارن ڪوبہ قدم نہ کنيو جنهن ۾ ۴ ڳوٺ هن وقت ارڙي جي بيماري ۾ ورتل آهن ڳوٺ فيض محمد کوسو، ڳوٺ ارسلا خان کوسو، ڳوٺ عرض محمد کوسو، ڳوٺ نئو الله آباد ۾ هن وقت ۱۸ معصوم ٻارڙا ارڙي جهڙي موضي مرض ۾ ورتل آهن ۽ وڌيڪ ٻارن جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو معصوم ٻارن ۾ وسيم احمد پٽ مير محمد کوسو، شمن پٽ شاه علي سندراڻي، احمد نور پٽ حق نواز کوسو، احمد علي پٽ بابو کوسو، منصب علي پٽ سهراب کوسو، آصف پٽ صابر کوسو، صائمہ ڌي سليم کوسو، ياسمين ڌي سليم کوسو، ريشمہ ڌي حق نواز کوسو، شاهدان ڌي شوڪت کوسو، مورزادي ڌي معشوق کوسو، ساجدان ڌي بابو کوسو، خالدان ڌي بابو کوسو، مومل ڌي بابو کوسو، سابيہ ڌي سيف الدين سندراڻي، نسيمہ ڌي لالو سندراڻي، ارڙي جهڙي بيماري ورتل سبب علائقي ۾ پبلڪ هيلٿ سينٽر قائم هجڻ باوجود ٻارن کي ويڪسين نہ ملي سگهيا علائقي واسي منظور کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جي ٻارن کي ويڪسين نہ ملڻ ڪري اسين مجبور ٿي باهو کوسو شهر ۾ قائم ٿيل عطائي ڊاڪٽرن کان پاڻ کي ڦرائي رهيا آهيون جنهن ۾ غير رجسٽر ميڊيڪلن ۾ گهڻي عرصي کان پيل مدي خارج دوائون وٺن پيا پر ويتر ٻارن جي طبيعت خراب ٿيندي پئي علائقي واسين ڪئي بار ڊي ايڇ او جيڪب آباد کي شڪايتون ڪرڻ باوجود جنهن ڪو اپاءُ نه ورتو علائقي واسين جو سنڌ حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو۔