چيني شهريءَ محبوبا کي متاثر ڪرڻ لاءِ ۳۳ ٽن وزني شهاب ثاقب تحفو ڏئي ڇڏيو


 ڇنڇر ۱۸ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦۵   بيجنگ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : چيني شهريءَ پنهنجي محبوبا کي متاثر ڪرڻ لاءِ پاڪستاني هڪ ڪروڙ ۴۵ لک رپين جو شهاب ثاقب پٿر خريد ڪري پنهنجي محبوبا کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڏنو، عورتون مردن کي ڪڏهن ڪڏهن آسمان مان ستارا ٽوڙي کڻي اچڻ جو به چونديون آهن، پر چين ۾ هڪ همراهه پنهنجي محبوبا کي متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ ۴۵ لک پاڪستاني خرچ ڪيا، چيني شهري لائي فيائي پنهنجي محبوبا کي منڊي ڏني ۽ شادي جي درخواست ڪئي ۽ ڇوڪريءَ جي انڪار کان پهرين ئي ڇوڪري جي دوست ڀر ۾ پيل هڪ پتر تان ڪپڙو هٽائي ان وقت سڀي کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ماڻهن ڏٺو ته زمين تي اچڻ وارو هڪ آسماني پٿر آهي، جيڪو ۱۰ لک يوآن (۱۴۵،۰۰۰) ڊالر يعني ڊيڍ ڪروڙ پاڪستاني رپين جو خريد ٿيل هو، لائي فائي وڏي وقت کان ان جي تياري ۾ لڳو پيو هو، نيٺ اهو ان مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو.