سنڌ ۾ ۴۲ هزار ماڻهو ايڊز ۾ مبتلا، سنڌ ايڊز پروگرام جو انڪشاف


 ڇنڇر ۱۸ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۰   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ۴۲ هزار ماڻهو ايڊز جي مرض ۾ مبتلا آهن، نجي ٽي وي چينل موجب سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي رپورٽ مطابق ڪراچي ۾ ايڊز ايڊز جي مريضن جو تعداد ۲۰۱۵ع تائين ۸ هزار ۵۸ هو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڊز جي مريضن جي شرح ۾ ۳ڏ۸ کان وڌيڪ ۷ڏ۱۷ تائين پهچي ويو آهي، ان حوالي سان سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي مئنيجر ڊاڪٽر يونس چاچڙ ٻڌايو آهي ته ايڊز کان متاثر ماڻهن کي فوري طبي امداد ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته حڪومت ايڊز کان اڳ واٽ ئي بچاءُ وارا پروگرام شروع ڪري رهي آهي، ان مرض جي علاج لاءِ سول اسپتال لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي ۾ سينٽر ٺاهيا ويا آهن، ڊاڪٽر يونس چيو ته ايڊز کان بچاءَ لاءِ قانون سازي ڪري رهيا آهيون.