پوليو جي خاص مهم دوران سکر ۽ خيرپور جي ۲ لک ۴۸ هزار ٻارڙن کي ويڪسين ڏني ويندي: سکر ۾ اجلاس


 ڇنڇر ۱۸ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۵   سکر   پرنٽ ڪيو
سکر ۾ پوليو مھم بابت ٿيل اجلاس جو ڏيک

رپورٽ :   مشتاق ٽانوري  : سکر: سکر ۾ پوليو جي خاص مهم دوران سکر ۽ خيرپور جي ۲ لک ۴۸ هزار ٻارڙن کي ويڪسين ڏني ويندي. پوليو جي خاتمي لاءِ جڙيل سکر ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي سکر جي ڪمشنر محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو (اِي او سي) سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر فياض احمد جتوئي، سکر ۽ خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنرن، ڊبليو ايڇ اوز نمائندن، صحت کاتي جي عملدارن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته پوليو کان بچاءَ جا ٽُڪا هڻڻ واري اٺن ڏينهن جي خصوصي مهم ۲۰ مارچ کان سکر ڊويزن جي ٻن ضلعن سکر ۽ خيرپور ۾ شروع ٿيندي، جيڪا ۲۹ مارچ تائين جاري رهندي، مهم دوران چئن مهينن کان ۲ سالن تائين جي عمر وارن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ٽُڪا هنيا ويندا، سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ ڪُل ۲ لک ۴۸ هزار ٻارڙن جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اڪبر گهانگهرو پرزنٽيشن ڏيندي ٻڌايو ته پوليو کان بچاءَ جا ٽُڪا هڻڻ واري مهم دوران سکر ضلعي لاءِ ۹۸ هزار ٦۷۵ ٻارن ۽ خيرپور ضلعي لاءِ هڪ لک ۴۹ هزار ۳۰۴ ٻارن جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهوٽڪي ضلعي ۾ آدمشماري سبب هيءَ مهم بعد ۾ شروع ٿيندي، سکر ۾ ۳۲۹ ۽ خيرپور ۾ ۵۵۹ ٽيمون ڪم ڪنديون، جڏهن ته سوشل موبيلائيزز سکر ضلعي لاءِ ۵۳۴ ۽ خيرپور لاءِ ۹۱۴ مقرر ڪيا ويا آهن، سکر ۾ آئوٽ ريچ سينٽرن جو تعداد ۲٦۷ ۽ خيرپور ۾ ۴۵۷ جڏهن ته فڪسڊ سينٽرن جو تعداد سکر ۾ ٦۲ ۽ خيرپور ضلعي ۾ ۱۰۲ آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ سکر ضلعي جو ٽارگيٽ ۽ رجسٽريشن پلان ٺاهڻ ۾ دير ڪرڻ تي ڊي ايڇ او کان پڇاڻو ڪيو ۽ کيس فوري طور تي سمورا پلان تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪمشنر هدايت ڪئي ته هاڻ غلطي جي گنجائش نه آهي، پوليو کان بچاءَ جا ٽُڪا هڻڻ واري مهم تمام اهم آهي اميد ته ساڳئي جذبي سان ٽيمون ۽ انتظاميا ڪم ڪري ڪامياب بڻائيندا، جڏهن ته هاءِ رسڪ موبائل پاپوليشن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو.