عورتون دنيا جون بهترين جاسوس آهن: اڪشي ڪمار


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۵   ممبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ جي خطرن جي رانديگر اڪشي ڪمار چيو آهي ته دنيا ۾ آمريڪا جو ڳجهو ادارو سي آءِ اي ۽ مردن جي جاسوسي ۾ عورتون دنيا جون خطرناڪ جاسوس آهن، بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار ۽ ان جي گهرواري ٽوئنڪل کهنا جو جوڙو فلم انڊسٽري ۾ هڪ ڪامياب شادي شده جوڙو تصور ڪيو ويندو آهي ۽ ٻنهي جا تعلقات به تمام بهترين رهيا آهن، جڏهن ته اڪشي ڪمار بالي ووڊ جي ڪا به فلم صحيح ناهي ڪندو جيستائين هو پنهنجي گهرواري ٽوئنڪل کهنا کان صلاح ناهي ڪندو، اهو ئي سبب آهي جو اڪشي ڪمار هن وقت تائين پريانڪا چوپڙا سان فلم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيندو آهي، اڪشي ڪمار پنهنجي فلم جي حوالي سان هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي صحافين ان کان سوال پڇيو جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته دنيا جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ دنيا جو خطرناڪ ادارو آمريڪي ڳجهو ادارو سي آءِ اي آهي ۽ مڙسن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ گهرواريون خطرناڪ جاسوس آهن. اڪشي چيو ته عورتن کي مرد جي هر ڪم جي خبر پئجي ويندي آهي، هو هر وقت پنهنجي مڙسن تي نظر رکنديون آهن.