ڪرپشن لڪائڻ لاءِ پيپلز پارٽي وارا واويلا ڪري رهيا آهن، سنڌ جي ڪهڙي شهر تي ۱۷ ارب خرچ ٿيا؟: راڻا ثناءُ الله


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۳ ڏينھن پھريان     ۳٦   فيصل آباد   پرنٽ ڪيو
فائ

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : فيصل آباد: پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پيپلز پارٽي وارا ڪرپشن جي وڏين وڏين ڪهاڙين تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته وزير اعظم نواز شريف جي نالي تي ڪا به آف شور ڪمپني ناهي، نه ئي وري پاناما ڪيس ۾ ان جو سڌو نالو آهي، اسان سمورا الزام رد ڪري چڪا آهيون، وزير اعظم خلاف ڪو به ثوبت ناهي، ان ڪري عدالت وزير اعظم کي طلب نه ٿي ڪري، هن چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو عوام ۽ عدالت جي حق ۾ ٿيندو، راڻا ثناءُ الله چيو ته پيپلز پارٽي پاڻ چيئرمين نيب جي مقرري جي حمايت ڪئي هئي، هاڻي پيپلز پارٽي وارا پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ ۱۷ ارب رپيا خرچ ٿيا، ڪراچي جي حالت ته عوام جي سامهون آهي، ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن، سمورن سنڌ جي شهرن جي حالت به خراب آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ۽ پي ٽي آءِ جو خيبرپختون خواهه مان نالو نشان به گم ٿي ويندو.