سي ٽي ڊي خيرپور جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جو دهشتگرد گرفتار


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷٦   خيرپور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : خيرپور: سي ٽي ڊي خيرپور ڪارروائي ڪري ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو ، ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان سمون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گرفتار جوابدار دهشتگردن کي ٽريننگ ڏيندو هو، ايس ايس پي سي ٽي ڊي وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار شعيب بروهي جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم لشڪرجهنگوي سان آهي، جوابدار ۲۰۱۰ع ۾ نيٽو آئل ٽينڪر تي حملي به ملوث آهي، هن چيو ته گرفتار دهشتگرد جا جيڪي آباد ۽ شڪارپور سانحن ۾ ملوث حفيظ بروهي ۽ مقصود بروهي سان به رابطا رهيا آهن، جوابدار شعيب بروهي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي، دهشتگردن کي ٽريننگ به ڏيندو هو.