ايل او سي جي ڀڃڪڙي، پاڪستان پاران ڀارتي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۴۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: پاڪستان ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ تي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ۽ ڊي جي سائوٿ ايشيا ڊيسڪ پاران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به لکيو ڇڏيو آهي، پرڏيهي کاتي جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ۱۷ ۽ ۱۸ مارچ تي ڀارتي فورسز طرفان ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ڊي جي سائوٿ ايشيا ڊيسڪ طرفان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ۱۷ مارچ تي ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۾ هڪ عورت شهيد ٿي وئي هئي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ۱۸ مارچ تي نڪيال سيڪٽر تي به ڀارتي فائرنگ سبب ۲ ٻارڙا زخمي ٿي پيا ها، ڀارت ۲۰۰۳ع کان سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.