وفاقي گهرو وزير ميچ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۵۲   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پاڪستان سُپر ليگ جي فائنل ۾ ميچ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسرن سان گڏو گڏ ايڊووڪيٽ جنرل به شامل ٿيو، ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪسنگ ڪيس ۾ ملوث ۵ ئي رانديگرن خالد لطيف، شرجيل خان، محمد عرفان، شاهه زيب ۽ ناصر جمشيد جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ هو ته اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي جاچ لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا پيا، کڻنداسين، هن چيو ته ان اسڪينڊل جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي ۽ پاڪستان جو نالو بدنام ڪندڙ رانديگرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، گهرو وزير ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته ان ڏوهه ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو کي معاف نه ڪيو وڃي.