سنڌ يونيورسٽيءَ جي ۷۵ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ۲٦ لک رپين جا اسڪالر شپ وارا چيڪ ورهايا ويا


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۳۹۳   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورھايا پيا وڃن

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ضرورت آڌار اسڪيم تحت ۴۲ جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ميرٽ اسڪالر شپ تحت ۳۳ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اهليت ۽ ضرورت جي بنياد تي ۲٦ لک ڏهه هزار رپين جي اسڪالر شپ جا چيڪ ڏنا ويا. وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ ٿيل تقريب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت مجموعي طور ۷۵ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ چيڪ ورهايا. مالي سهائتا واري شعبي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ضرورت آڌار اسڪيم تحت ۴۸_۴۸ هزار رپين جي اسڪالر شپ جا چيڪ ۴۲ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏنا ويا، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ميرٽ اسڪالرشپ جي اسڪالر شپ تحت ۳۳ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ۱۸_۱۸ هزار رپين جا چيڪ جاري ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مدد، سهڪار ۽ سرپرستيءَ جي خاطري ڏياريندي چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جو مرڪز بڻايو ويندو، جڏهن ته ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيلنٽ جي ڪا به کوٽ ناهي. سندن ٽيلنٽ کي نکارڻ لاءِ تعليم ۽ تحقيق سان گڏ کين غير نصابي سرگرمين جا موقعا به ڏنا پيا وڃن. ڊاڪٽر برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ في واپسيءَ جا چيڪ ڏنا ويا آهن، ڪوشش ڪبي ته رهجي ويل شاگردن کي به ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس ملن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي نهايت گهٽ اسڪالر شپ ملي رهيون هيون، پر هاڻي ايڇ اي سي اختيارين تي زور ڀريو ويندو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي غريب شاگردن جي مدد ڪئي وڃي. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڀريو ته هو يونيورسٽيءَ کي پنهنجو سمجهن ۽ خوب محنت ڪن. تقريب ۾ اسٽوڊنٽس فائنانشنل ايڊ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر مهمانن جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي، دادو ڪئمپس جي پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر انور علي شاهه جي سيد، ميرپورخاص ڪئمپس جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر غلام سرور ڳچل، پروفيسر ڊاڪٽر منيرالدين سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله دايو، پروفيسر ڊاڪٽر نگينه پروين، عبداللطيف سومرو، ڊاڪٽر فدا حسين چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.