بلوچستان يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي ڊاڪٽر فتح برفت سان ملاقات، تعليمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۳ ڏينھن پھريان     ۸۳   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جا وي سي ملاقات ڪندي

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: بلوچستان يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، خضدار جي وائيس چانسلر برگيڊيئر رٽائرڊ محمد امين سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعليمي ڳانڍاپن، گڏيل سيمينار منعقد ڪرڻ، گڏيل تحقيق ۽ استادن توڙي شاگردن جا وفد هڪ ٻئي ڏانهن موڪلڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته انجنيئرنگ ۾ سماجيات کي شامل ڪرڻ ۾ سنڌ يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽيءَ جي مدد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته سوشل سائنسز وسيع شعبو آهي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ وڏا سماجي سائنسدان موجود آهن، جن کي بلوچستان يونيورسٽي موڪلي اُتي جي شاگردن جي رهنمائي ۽ سماجي مسئلن تي ليڪچر ڏياري سگهجن ٿا. ڊاڪٽر برفت چيو ته سماجي برائين جي خاتمي ۽ صحتمند معاشري جي قيام لاءِ سوشل سائنسدانن جو ڪردار تمام اهم آهي. هن چيو ته سوشيالاجي جو پراڻو نالو سوشل فزڪس هو، جنهن کي فرانس جي هڪ انجنيئر معاشري ۾ ظلم ۽ ڏاڍ کي ڏسندي متعارف ڪرايو هو. هن چيو ته معاشري ۾ موجود سمورين برائين جو خاتمو انهيءَ سائنس جي مدد سان ممڪن آهي. ان موقعي تي برگيڊيئر محمد امين چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سوشل سائنسز جي ميدان ۾ وڏا سائنسدان موجود آهن، جيڪي سندن يونيورسٽيءَ ۾ اچي شاگردن کي صحتمند معاشري جي قيام جي حوالي سان آگاهي ڏيئي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو ۽ مختلف شعبن ۾ هتان رهنمائي ۽ سکيا حاصل ڪئي ويندي. هن چيو ته تمام جلد بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعاون سان هڪ گڏيل سيمينار منعقد ڪري بلوچستان جي سماجي مسئلن کي منظرعام تي آندو ويندو.