مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ آن لائن سروس متعارف، وي سي افتتاح ڪيو


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ مھينو پھريان     ۲۲۳۵   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
مھراڻ يونيورسٽي جو واٸيس چانسلر اسلم عقيلي آن لاٸين سروس جو افتتاح ڪندي

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي امتحانن واري شعبي ۾ ڊگري، مارڪس سرٽيفڪيٽ، ٽرانسڪرپٽ ۽ لاڳاپيل ٻين ڪاغذن جاري ڪرائڻ لاءِ شاگردن لاءِ آن لائن سروس متعارف ڪرائي وئي. تفصيل موجب مهراڻ يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هاڻي پنهنجي ڊگري، پاس سرٽيفڪيٽ، ٽرانسڪرپٽ ۽ مارڪس سرٽيفڪيٽ وغيرهه لاءِ آن لائن اپلائي ڪري ان جي تفصيلن بابت گهر ويٺي ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا. متعارف ڪرايل آن لائن سروس جو مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي هڪ شاگرد کان ڊگري جو چالان وصول ڪري افتتاح ڪيو. سافٽ ويئر جي افتتاحي تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، امتحانن واري ڪنٽرولر سهيل احمد کٽياڻ، ڊائريڪٽر فنانس منير احمد شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.