منا ڀائي ٿري ۾ مون کي ڪو به ڪردار نه مليو ته فلمساز راجڪمار هيراني کي ڊيڄاريندس: ڀومن ايراني


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۵   ممبٸي   پرنٽ ڪيو
بالي ووڊ اداڪار ڀومن ايراني (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ اداڪار ڀومن ايراني چيو آهي ته جيڪڏهن منا ڀائي ٿري ۾ مون کي ڪو به ڪردار نه مليو ته فلمساز راجڪمار هيراني کي ڊيڄاريندس. ڀارتي ميڊيا مطابق فلمساز راجڪمار هيراني منا ڀائي سيريز جي ٽئين فلم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان بالي ووڊ اداڪار ڀومن ايراني جو چوڻ آهي ته هن کي جيڪڏهن فلم ۾ ڪو به ڪردار نه مليو ته هو راجڪمار هيراني جي پويان پئجي ويندو. ان کان اڳ ڀومن ايراني منا ڀائي ايم بي بي ايس، لگي رهو منا ڀائي، ٿري ايڊيٽس ۽ پي ڪي جو حصو رهيو آهي.