مون کي خوشي آهي ته مان سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جو حصو آهيان: ديا مرزا


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۴   ممبٸي   پرنٽ ڪيو
بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان چيو آهي ته سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم تعريف جوڳي آهي، مون کي خوشي آهي ته مان ان فلم جو حصو آهيان. فلم ۾ سنجي جي هاڻوڪي زال جو ڪردار ادا ڪندڙ ديا مرزا چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته فلم ۾ ڪردار حقيقي زندگي تي مشتمل هجي يا غير حقيقي تي ان جو مقصد آهي ته ڪردار کي سٺي طريقي سان سمجهي سگهجي. فلم جي ڊائريڪشن راجڪمار هيراني ڏني آهي. فلم هلندڙ سال ڊسمبر ۾ رليز ڪئي ويندي.