ننگر هار ۾ آمريڪي ڊرون حملن ۾ داعش جا ۱۳ ويڙهاڪ مارجي ويا، زابل ۾ آپريشن دوران ۱۹ طالبان جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۵۵   ڪابل   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪابل: افغانستان جي صوبي ننگر هار ۾ آمريڪي ڊرون حملن ۾ داعش جا ۱۳ ويڙهاڪ مارجي ويا. زابل ۾ آپريشن دوران ۱۹ طالبان کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. هلمند ۾ افغان فوجي اهلڪار جي فائرنگ سبب ۳ آمريڪي فوجي زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا مطابق فوج جي جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ننگر هار صوبي جي علائقن آچين ۽ ديهه بالا ۾ آمريڪي جاسوس جهازن داعش جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. عملدارن مطابق انهن ڪارروائين ۾ داعش جا ۱۳ ويڙهاڪ مارجي ويا. زابل صوبي ۾ آپريشن دوران ۱۹ طالبان کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. صوبائي گورنر جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته شاهه جوئي ضلعي ۾ طالبان خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ۱۹ طالبان مارجي ويا ۽ ۱۲ زخمي ٿي پيا. هلمند ۾ افغان فوجي اهلڪار جي فائرنگ سان ۳ آمريڪي فوجي به زخمي ٿي پيا. نيٽو طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلمند صوبي ۾ هڪ ڇانوڻي ۾ افغان فوجي آمريڪي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ۳ اهلڪار زخمي ٿي پيا. نيٽو مطابق زخمي اهلڪارن کي طبي امداد ڏني وئي آهي.