سنڌ جي اسپتالن ۾ بايوميٽرڪ نظام لڳائڻ جي هدايت


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۷   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزارت اسپتالن ۾ بائيو ميٽرڪ نظام نصب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نجي ٽي وي مطابق حڪومت سڄي صوبي ۾ ماڻهن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ان سلسلي ۾ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻي عملي جي موجودگي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سرڪاري اسپتالن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي بائيو ميٽرڪ نظام لڳائن. صوبائي صحت واري وزارت طرفان سرڪاري اسپتالن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا پڻ لڳايا ويندا ته جيئن اسپتالن جي ڪارڪردگي ۽ روزاني جي بنياد تي مريضن کي ڏني ويندڙ طبي سهولتن جي فراهمي جي نگراني ڪري سگهجي.