پشاور: ريسڪيو ۱۱۲۲ کي ۴۰ بسترن تي مشتمل جديد ترين ايمبولينس ڏيڻ جو فيصلو


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ مھينو پھريان     ۴٦   پشاور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: خيبر پختونخواهه حڪومت دهشتگردي ۾ معمولي زخمي ٿيندڙن جو ريسڪيو ۱۱۲۲ کي ۴۰ بسترن تي مشتمل عالمي معيار جي جديد ايمبولينس جي فراهمي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايمبولينس ۾ اي سي جي، ايڪوا، ايڪسري، ليبارٽري آرٿوپيڊڪ ۽ سرجيڪل سميت سمورا اوزار شامل هوندا. دهشتگردي جي واقعن ۾ معمولي يا وڌيڪ زخمي ٿيندڙن کي ريسڪيو ۱۱۲۲ تي ايمبولينس ۾ ئي سموري طبي امداد فراهم ڪئي ويندي ۽ انهن کي اسپتال منتقل نه ڪيو ويندو. اسپتالن تي بار گهٽائڻ ۽ مريضن کي فوري طور تي طبي امداد جي فراهمي لاءِ ۴۰ بيڊن تي مشتمل جديد ترين ايمبولينس جي خريداري لاءِ پي سي ون جي منطوري پڻ ڏني وئي آهي. خزاني واري وزارت جي منظوري کان پوءِ ڪي پي ڪي حڪومت عالمي معيار جي ۴۰ بسترن تي مشتمل مني اسپتال کي ايمبولينس خريد ڪندي.