پشاور ۾ سڄي ملڪ جي معذور ماڻهن لاءِ قومي اسپورٽس گالا ڪوٺائڻ جو اعلان


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ مھينو پھريان     ۵۴   پشاور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: هيلپ فار ڪميونٽي جو اجلاس مرڪزي صدر عمر چمڪني جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته معذور ماڻهن لاءِ قومي اسپورٽس گالا منعقد ڪيو ويندو. اسپورٽس گالا ۾ سڄي ملڪ مان معذور رانديگرن جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويندو. هيلپ فار ڪميونٽي جي مرڪزي صدر عمر چيو ته مان پاڻ معذور آهيان ان لاءِ معذور ماڻهن جي ڏک کي سمجهان ٿو ۽ جلد ئي سڄي ملڪ جي معذور رانديگرن لاءِ قومي اسپورٽس گالا منعقد ڪيو ويندو.